My WordPress Blog

ماهرن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ) موسمياتي تبديلي ۽ ان جي ٿيندڙ اثرن تي ڪم ڪندڙ ماهرن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ملڪ توڙي عالمي سطح تي ٿيل تحقيق ۽  بائيو ٽيڪنالاجي تي عملدرآمد ڪرائڻ جي گُهر ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ سماجي تنظيم پرائيڊ پيس ۽ ريڊيو نيوز نيٽورڪ طرفان موسمياتي تبديلي ۽ ان جي اثرن جي حوالي سان صحافين لاءِ ورڪشاپ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي سماجي تنظيم پرائيڊ پيس جي چيف ايگزيڪيوٽو بدر عالم ۽ ريڊيو نيوز نيٽورڪ جي نجيب احمد چيو ته موسمياتي تبديلي انسانن، زراعت ۽ ٻي حيات لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي جنهن جي روڪٿام وقت جي اهم ضرورت آهي هنن چيو ته ڪول مائيننگ، ڊيمون ۽ ٻين تجربن سان ملڪ اندر موسمياتي تبديلي ٿي رهي آهي جنهن سبب پاڪستان تيزي سان نقصانن طرف وڌي رهيو آهي. هنن چيو ته دنيا اندر ڊيمن ۽ ڪول مائيننگ کي ختم ڪيو پيو وڃي پر پاڪستان ۾ اهڙن تجربن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي جيڪا انساني جانين، زراعت ۽ ٻي حيات لاءِ هاڃيڪار آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪول مائيننگ ۽ ڊيمن ذريعي بجلي جي پيداوار سميت ٻين تجربن کي بند ڪري بائيو ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن موسمياتي تبديلي کان بچي سگهجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.