لاڙڪاڻي شاگردياڻين طرفان بيگم نصرت ڀٽو وومين لائبريري ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردياڻين طرفان شهر جي بيگم نصرت ڀٽو وومين لائبريري ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگردياڻين لاريب کهاوڙ، عائشه عباسي، سميه بروهي، منيشه ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان لاڙڪاڻي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهنديون آهيون، جڏهن ته شهر جي بيگم نصرت ڀٽو وومين لائبريري ۾ اسٽيڊي ڪرڻ اينديون آهيون، پر ڪافي عرصي کان وٺي هن لائبريري ۾ سهولتن جي شديد کوٽ آهي، نه ته هتي اهم معلوماتي ڪتاب آهن ۽ نه ئي وري فرنيچر موجود آهي، جڏهن ته سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ پڙهندڙ شاگردن کي واء فاء جي سهولت به مليل آهي، پر اسان کي واء فاء جي سهولت کان محروم رکيو ويو آهي ۽ وڏي ڳالهه اها آهي جو هفتي ۾ ٻه ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر تي لائبريري کي بند ڪيو ويندو آهي. هنن چيو ته اهڙي صورتحال بابت اسان ڪيترائي ڀيرا لائبريري جي انچارج خديجه لغاري آڏو شڪايتون ڪيون آهن، پر هن اسان جي هڪ نه ٻڌي آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته لائبريري جي انچارج اسان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪو افسوس ناڪ عمل آهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بيگم نصرت ڀٽو وومين لائبريري ۾ سهولتون مهيا ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.