My WordPress Blog

عمران خان کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت

0

اسلام آباد: اڊيالا جيل جي سپرٽنڊنٽ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان کي اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي جيل سپرٽنڊنٽ موقف اختيار ڪيو آهي ته سيڪيورٽي خدشن جي ڪري پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي جيل سپرٽنڊنٽ غير شرعي ڪيس ۾ اسلام آباد جي عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته باني پي ٽي آءِ کي جيل مان عدالت نٿو آڻي سگهجي عدالت پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان جو جيل ۾ ئي ٽرائل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي اڄ ٻڌڻي دوران بشريٰ بيبي عدالت ۾ پيش نه ٿي، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته بشريٰ بيبي کي لاهور مان اچڻو پوندو آهي، تاريخ ڊگهي ڏئي ڇڏيندا ڪريو عدالت ريمارڪس ڏنا ته بشريٰ بيبي ڪجهه عرصي لاءِ اسلام آباد ۾ مسواڙ تي گهر وٺي، بار بار ٻڌڻي ملتوي نٿا ڪري سگهون عدالت پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين  جو جيل ۾ ٽرائل جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Reply

Your email address will not be published.