My WordPress Blog

صحافي اتحاد ضلع خيرپور جو ساليانو ڪنوينشن پيروسڻ شهر ۾ منعقد ٿيو

0

شاھ جي مشين (رپورٽ دوالقفار سھتو )صحافي اتحاد ضلع خيرپور جو ساليانو ڪنوينشن پيروسڻ شهر ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ضلعي جي 8 ئي تعلقن جي سوين صحافين ۽ سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي وائيس چيئرمين محمد بچل هنڱورو خصوصي طور شرڪت ڪئي جنهن ۾ نئين سال 2024 جي لاء نئين باڊي تشڪيل ڏني وئي جنهن ۾ چيئرمين غلام حسين چانگ . صدر جمال محمود کهڙو . سينئر نائب صدر خير محمد عامر . نائب صدرس خاد جوڻيجو . ياسين راڄپر . گل بيگ چانگ . حاڪم ڀٽي . نياز ڀنڀرو . جنرل سيڪريٽري حسين بخش ڪٻر . ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف حسين شر . جوائنٽ سيڪريٽري سڪندر راڄپر . خزانچي سنيل ڪمار ، ورڪنگ ڪاميٽي ميمبر نظير حسين سولنگي کي چونڊيو ويو . ان موقعي تي خطاب ڪندي صحافي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر صحافين جي لاء ڌرتي کي دوزخ بڻايو ويو آهي . شهيد جاان محمد مهر سميت ڪيترن ئي صحافين کي حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي بيگناهه شهيد ڪيو ويو آهي ۽ سرڪار انهن جي قااتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي جڏهن ته خيرپور ضلعي جي شهر هنڱورجا ۾ آبادگارن جي احتجاج جي ڪوريج ڪرڻ تان صحافي اتحاد جي اڳواڻ سميت سنڌ اندر ڪيترن ئي صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن هن چيو ته صحافين توڙي عوام کي تحفظ ۽ حق ڏيڻ آهي پر افسوس ته سنڌ جي اندر رياست جا ادارا پاڻ حق غضب ڪري رهيا آهن هنن گهر ڪئي ته جان محمد مهر شھيد صحافي اصغر کنڊ سميت سنڌ مڙني شهيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ شهيد صحافين جي خاندانن کي مالي سهائتا سميت سندن اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن جڏهن ته صحافين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ان کان علاوه سنڌ جي ننڍن شهرن جي پريس ڪلبن کي پڻ مالي گرانٽ ڏني وڃي اڳواڻن اعلان ڪيو ته 20 ڊسمبر تي شھيد صحافين جا. محمد مھر ۽ شھيد اصغر کنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ راڻي پور کان سچل سرمست تائين پيادل احتجاجي مارچ ڪيو ويندو  ٻئي شھيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاء صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ .صدر محمود کھڙو جي اڳواڻي ۾ مھراڻ ھاء وي تي ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري صحافين ۾ پکڙيل بيچيني دور ڪئي وڃي

Leave A Reply

Your email address will not be published.