My WordPress Blog

دادو ۾ مست ڪيهر شاھ جي رهواسين نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

0

دادو(رپورٽ: راجا بشير لنڊ ) دادو ۾ مست ڪيهر شاھ جي رهواسين نوجوان جي بازيابي لاءِ دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت خداآباد پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين مسمات رحيمان آلکاڻي، خميسو،محمد موسيٰ ۽ ڪنڊو آلکاڻي دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو ته 2 سال اڳ نوجوان پيربخش آلکاڻي جي شادي پيسن عيوض ڪرائي هئي،هڪ هفتو اڳ نوجوان پيربخش  پنهنجي ناراض گهر واري وٺڻ لاءِ خداآباد ويو جيڪو واپس نه آيو آهي، هنن دانهيو ته نوجوان جي بازيابي لاءِ دادو ڪورٽ ۾ پڻ درخواست ڏني آهي ۽ خداآباد ٿاڻي تي پڻ نوجوان جي گمشدگي جي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نوجوان پيربخش آلکاڻي کي سندن ساهرن طالب،جمن،غفور، علي محمد آلکاڻي ۽ ٻين گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي زندگي کي خطرو آهي،هڪ هفتي کان اسان جو نوجوان لاپتا آهي جنهن سبب اسان جي گهرن ۾ ماتم آهي،هنن آء جي سنڌ،ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوجوان جي لاپتا ٿيڻ جو نوٽيس وٺي سندس ساهرن مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي،ٻي صورت ۾ دادو لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو،

Leave A Reply

Your email address will not be published.