حضرت مشوري شريف جي گادي نشين الحاج شفيع محمد مشوري پريس ڪلب پهچي چونڊيل صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو ۽ ٻين مبارڪون ڏنيون
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي جي ناليواري درگاھ حضرت مشوري شريف جي گادي نشين الحاج شفيع محمد مشوري طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب پهچي ڪلب جي نئين چونڊيل صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ، خزانچي عبدالقادر جاگيراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري ايم يونس ڏيٿو، عبدالخالق مغيري، ارسلان ڪنڀر ۽ ٻين سميت لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽ جي صدر طارق محمود دراني، جنرل سيڪريٽري منصور ابڙو، عبدالفتاح اوڍو ۽ ٻين کي نوٽن ۽ گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون. ان موقعي تي الحاج شفيع محمد مشوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صحافين هميشه غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ شهر جي مختلف مسئلا کي پنهنجي قلم جي ذريعي حل ڪرايو آهي، جن کي اسان جس ٿا پيش ڪيون. هوڏانهن لاڙڪاڻو پريس جي صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو طرفان درگاھ مشوري شريف جي گادي نشين الحاج شفيع محمد مشوري کي سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.