My WordPress Blog

ٽنڊومستي ڀرسان غني پبلڪ ايليمنٽري اسڪول ڪولاب جيئل ۾ ڪتابي ميلو ۽ ان سان گڏوگڏ ثقافتي پروگرام کي منعقد ڪيو ويو

0

ٽنڊومستي)رپورٽ عبدالقدير چانڊيو ( ٽنڊومستي ڀرسان غني پبلڪ ايليمنٽري اسڪول ڪولاب جيئل ۾ ڪتابي ميلو ۽ ان سان گڏوگڏ ثقافتي معلوماتي ۽ نمائشي دوڪان ھزارين سال پراڻي تاريخي شين جو تعارفي پروگرام کي منعقد ڪيو ويو ، پروگرام ۾ سنڌ جي شعور وند امن پسند استادن شاعرن اديبن ، شاگرن ۽ والدين پاران وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ، اسڪول ۾ سنڌ جي ھزارين سال پراڻي تھذيب کي پيش ڪيو ويو ، جنھن ۾ ھزارين ڪتابن سان گڏوگڏ  سنڌ جي ثقافتي تاريخي شين جھڙوڪ بيل گاڏيون ، اوطاق ، ڪنڀار جو ڪم ، ڀرت ڀرڻ ، سلائي ڪرڻ ، چنڊ پيھڻ ، يڪتاري ۽ چپڙي ۽ مختلف ھزارين سال پراڻي ثقافتي شين جا پريٽيڪل اوطاق جو آڌر ڀاء سان گڏوگڏ سوين ثقافتي شين جي معلوماتي شين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء پروگرام منعقد ڪيو ويو ، جڏھن ته سنڌي اجرڪن ۽ رلھين سان اسڪول کي سيگاريو ويو ، ثقافتي پروگرام ۾ ھفت زبان شاعر سچل سرمست جي گادي نشين ميان عبدالحق فاروقي ، شيخ ماھي گادي نشين ميان ناظم الدين پيرزادو ، چيئرمين يوسي ڪولاب جيئل اظھر حسين ابڙو ، سياسي سماجي شخصيت صدورو خان ابڙو ، نثار احمد سهتو ، منظور حسين اڄڻ ،  ڊاڪٽر عبدالاحد مهيسر ، مير صوبدار سعيد ، علامه حزب الله سومرو، وشل امير ابڙو ڊائريڪٽر پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ، پروفيسر فهيم اسلم ، پروفيسر انصاف علي مغل ، استاد غلام مجتي ابڙو ، استاد عمران رڏ ، استاد عبدالعزيز اڄڻ تسليم احمد ڪورائي ۽ شاگردن استادن ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي  پروگرام ۾ آيل مھمانن کي اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر گلشن ابڙو پاران سنڌ جي ثقافتي موقعي تي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا بعد ۾ آيل مھمان لاء ثقافتي کاڌن جو پڻ اھتمام ڪيو ويو پروگرام ۾ شامل ماڻھن ثقافتي پروگرام ڪتابي ميلي پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته قومن جي بقاءُ جو ثبوت سندن ثقافت جي بقاءَ ۾ شامل آھي سنڌ ڌرتي امن ڀري ڌرتي آھي جنھن ۾ صوفين بزرگن جي اثر ڪري ماڻھون محبتي ۽ مھمان نواز آھن سنڌي ماڻھون پنھنجي ثقافتي عيد کي خوشين سان ملھائن ٿا ، ثقافتي پروگرامن ۾ تعليم جي واڌاري لاء ڪتابن جي ضرورت پوي ٿي ، سنڌ ھميشه صوفي بزرگن ۽ امن جي ڌرتي رھي آھي ، ان پيغام تي ملڪ ۽  قومون ترقي ڪنديون آھن اڄ ھن اسڪول ۾ سنڌ جي تھذيب کي اجاگر ڪرڻ لاء ھزارين سال پراڻيون شين کي پيش ڪري ثقافت کي اجاگر ڪيو آھي ،

Leave A Reply

Your email address will not be published.