دادو (رپورٽ راجا بشير لنڊ ) نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر صوبي جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ڀاڻ جي کوٽ بابت خط جاري ڪري ڇڏيو آهي، ان هدايت تي عمل ڪندي ڊپٽي ڪمشنردادو ضلع سطح تي (هاري مددگار مرڪز ) جنهنجو ضلعي فوڪل پرسن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 دادو سميع الله وڳڻ جي نگراني ڪندو . مرڪز پاران ضلعي جي سمورن مارڪيٽن ۾ زرعي ڀاڻن ۽ زرعي دوائن جي منصفاڻي ورڇ ۽ دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ مقرر اگهن تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ان سلسلي ۾ هارين جون شڪايتون ڪري سگه نٿا ان لاءِ مرڪز جو فون نمبر 025.9200277 آهي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض احمد راهوجو حڪم جاري ڪيو آهي ته . ضلع جي سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي لاڳاپيل تعلقن ۾ هاري مددگار مرڪز قائم ڪن ۽ مقرر اگهه تي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙ ڊيلرن ۽ دڪاندارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي