My WordPress Blog

لاڙڪاڻي ۾ سني تحريڪ ضلعي طرفان جنرل ورڪرز و محبت فلسطين جي سلسلي ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان سني تحريڪ ضلعي طرفان شهر جي عبداللطيف نظاماڻي هال ۾ جنرل ورڪرز و محبت فلسطين جي سلسلي ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پي ايس ٽي جي سرپرست اعليٰ پير سيد اعجاز علي شاھ بخاري، سنڌ جي صوبائي صدر نور احمد قاسمي، سينئر صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي، ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر محمد عمر، جنرل سيڪريٽري شمس الدين سروهي، ضلعي صدر حافظ مدد علي قادري، جنرل سيڪريٽري حافظ رياض حسين قادري، حافظ برڪت علي ڪرٽيو حسيني، عبدالغفار، حافظ نديم، قمر الدين شيخ، حافظ طارق حسين انصاري، فيض محمد قاسمي، حافظ امام الدين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن پنهنجي مرڪزي قيادت سان ايڪي، ٻڌي ۽ محبت جو اظهار ڪن ٿا، جڏهن ته اسان کي پنهنجي قيادت تي مڪمل طور تي اعتبار آهي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان سني تحريڪ ملڪ جي واحد جماعت آهي، جيڪا پاڪستان جي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي حقن لاءِ هر محاذ تي آواز اٿاريندي آهي. هنن چيو ته پاڪستان مٿان مسلسل حڪمرانن ڪندڙ جماعتن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سبب اڄ ملڪ جو عوام بک، بدحالي، لاقانونيت ۽ بيروزگاري جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ عوام کي سوچي سمجهي ووٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسرائيل هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي معصوم فلسطينن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهيو آهي، پر افسوس جو اقوام متحده، انساني حقن وارين عالمي تنطيمن سميت مسلمان ملڪ ان مسئلي تي خاموش ويٺل آهن، جنهن عمل جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گهر ٿا ڪريون ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي ظلم کي فوري طور تي بند ڪري معصوم فلسطينين سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڪستان سني تحريڪ خاموش نه ويهندي. 

Leave A Reply

Your email address will not be published.