لاڙڪاڻي ۾تعلقي رتوديرو جي ڳوٺ الھ ورايو سولنگي جي رهواسين طرفان بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي رتوديرو جي ڳوٺ الھ ورايو سولنگي جي رهواسين طرفان بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورت شهناز خاتون پنهنجي مڙس عبدالرزاق سولنگي ۽ نڻاڻ حليمان خاتون سولنگي سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مان اصل خيرپور ميرس جي شهر پريالو جي رهواسڻ آهيان، جڏهن ته گذريل 30 آڪٽومبر تي منهنجي شادي والد ارشاد علي سولنگي رتوديرو جي ڳوٺ الھ ورايو سولنگي جي رهواسي عبدالرزاق سولنگي سان ڪرائي هئي، جنهن مان ٻن مهينن جو پيٽ به آهي. هن الزام لڳايو ته هن وقت منهنجو والد ارشاد علي سولنگي، ڀائر الھ وڌايو، الھ ڏنو، الھ بچايو سولنگي ۽ ٻيا مڙس کان زبردستي طلاق وٺرائڻ ٿا چاهن، جن گذريل ڏينهن نئون ديرو ٿاڻي تي مڙس سميت سندس چاچن عبدالرحيم سولنگي، محمد قاسم، ڀائرن محمد پيرل، منور، محمد صديق سولنگي ۽ ٻين مٿان منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن ڪيس جي آڙ ۾ پوليس مڙس جي چاچي عبدالرحيم سولنگي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڄاڻايل مائٽن کان اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جن مان جان جو خطرو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر والد ۽ ڀائرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪندي اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.