لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي ميئر طرفان شهر جي مک چرچ جو دورو ڪري 25 ڊسمبر تي ٿيندڙ ڪرسمس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي کي هدايتون جاري ڪيون ته 25 ڊسمبر ڪرسمس جي موقعي تي شهر جي سمورن چرچن اندر لائٽنگ جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ صفائي سٿرائي جي نظام کي پڻ بهتر ڪيو وڃي ته جيئن لاڙڪاڻي جي عيسائي برادري پنهنجو مذهبي ڏينهن سٺي نموني سان ملهائي سگهن. هن چيو ته مسيح برادري لاءِ اسان جو نيڪ خواهشون ۽ دعائون آهن ته هو ڪرسمس جو ڏينهن بهتر کان بهتر نموني ملهائين، ڇاڪاڻ جو هي به اسان جي ملڪ ۽ شهر جا رهواسي آهن، جيترو اسان جو حق آهي اوترو ئي هنن جو به حق آهي. هوڏانهن دوري دوران لاڙڪاڻي جي عيسائي برادري طرفان ميئر لاڙڪاڻو جو شاندار استقبال پڻ ڪيو ويو.