My WordPress Blog

لاڙڪاڻو پي پي ايم زيڊ طرفان آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيٽرياٽڪ مومينٽ زندھ آباد آرگنائيزيشن طرفان گذريل رات آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي نائين ورسي جي موقعي تي سندن ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن تقريب ۾ پي پي ايم زيڊ جي مرڪزي سينئر نائب صدر يونس علي ابڙو، وائيس چيئرمين نظر حسين، جنرل سيڪريٽري راجا منير جتوئي، عابد علي، عمران علي جتوئي، ماجد علي ميراڻي، ڊاڪٽر عرفان جاگيراڻي، ذيشان کوکر، عبدالڪريم جتوئي، غلام مرتضيٰ عباسي، خان بليدي، محمد بلال راجپوت سميت مختلف اسڪولن جي شاگردن توڙي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته 16 ڊسمبر پاڪستان جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي امڙين جون جهوليون خالي ڪري ڀينرن کان ڀائر کسيا ويا ۽ پيئرن کان سندن دلن جا ٽڪڙا الڳ ڪيا ويا، جڏهن ته ملڪ جي رهزن دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان ڪڏهن به انهن گلڙن جهڙن پيارن معصوم ٻارڙن کي نه وسارينداسين، جڏهن ته شهيد مرندا نه آهن، اهي شهيد اڄ به اسان جي دلين ۾ زندھ آهن، جيڪي جنت جا گل هئا ۽ جنت ڏانهن هليا ويا آهن. هوڏانهن تقريب ۾ اڳواڻن ۽ ٻارڙن شهيدن جي تصويرن اڳيان گل رکي ڏيئا ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.