نبي سرروڊ (رپورٽر) سکر جي بيباڪ بهادر ۽ دلير صحافي شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف نبي سرروڊ ۾ صحافي برادري، جسقم آريسر جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويور. نبي سرروڊ، ٽالهي ۽ ٻين هنڌن تان آيل صحافين، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ قومي ڪارڪن سرائي غلام نبي خاصخيلي، سهيل مجيد چانڊيو، اعجاز گشڪوري، ضمير حسين چانڊيو، بهادر چانڊيو ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سکر جي بيباڪ ۽ بهادر صحافي شهيد جان محمد مهر کي سريعام بيدردي سان قتل ڪيو ويو پر سکر انتظاميه هن وقت تائين قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي هنن چيو ته انتظاميه جي اهڙي نااهلي تي افسوس ڪيون ٿا ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته حق سچ جي ڳالهه ڪندڙ کي سريعام قتل ڪيو ٿو وڃي ۽ قاتل کي گرفتار ڪرڻ بدران انتظاميه انهن جي پٺڀرائي ڪري ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪري اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. هنن پڻ چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سکر انتظاميه مک جوابدار کي جلد گرفتار نه ڪيو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.