شاهپور چاڪر گورئمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ سماجي تنظيم پاٿ فائينڊر جي سهڪار سان ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي
شاهپورچاڪر(رپورٽرگلزارملاح)شاهپور چاڪر ڳوٺ حمير خان ڄاريڪو جي گورئمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ سماجي تنظيم پاٿ فائينڊر جي سهڪار سان ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن جي والدين سميت سياسي سماجي علمي ادبي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ثقافتي تقريب ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين سونيا ڄاريڪو،عارف علي ڄاريڪو،آفتاب علي بروهي،سعاد حسين سومرو،رضوانہ،جمن خاصخيلي،زينت،رابعه،قيوم قومي ثقافتي موضوع تي تقريون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا،ثقافتي تقريب ۾ خطاب ڪندي رئيس ذوالفقار علي ڄاريڪو،عبدالرحمٰن ڄاريڪو ،ڪائونسلر فتح محمد ڄاريڪو،غلام مصطفيٰ ڄاريڪو،آفتاب سومرو،پاٿ فائينڊر جي نوشين گل ميراڻي،نصيبان خاتون مڱريو،ناهيد ڏاهري،افضل ميمڻ ۽ ٻين چيو تہ سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لا اهڙا پروگرام ضروري آھي جنهن سان اسڪولي ٻارن جي ذھني اوسر ٿيندي ۽ ھو پنهنجي قديم ثقافت جي هر پاسي کان آشنا هوندا انهي سان گڏوگڏ جيڪڏھن اسان ٻارن کي علم ڏيئي ڇڏيون تہ اسان بہ دنيا ۾ اڳتي نڪري سگهون ٿا ڇو تہ دنيا ۾ علم حاصل ڪندڙ قومون ترقي يافتہ ٿي ڪري اڳتي وڌي رهيون آھن سنڌ سون آھي خدا جي خلق ڪيل اهڙي وسندي آھي جتي قدرت جا سڀئي نظارا موجود آھن جتي ساوڪ ۽ خدا جا خزانہ آھي بس ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ ثقافت سان گڏ اسان تعليم تي توجہ ڏيون ۽ خاص ڪري اسان جي ٻھراڙين ۾ جتي تعليم تمام پٺتي پيل آھي اتان جا سياسي سماجي ماڻھو ۽ استاد انهن ڳوٺاڻن کي علم جي اهميت بابت آگاهي ڏين،هنن چيو تہ پاٿ فائونڊر تنظيم عورتن کي درپيش ايندڙ مختلف مسئلن تي ڪم ڪري رهي آھي انهي سان گڏ سنڌ جي ثقافتي ڏينهن کي ملهائڻ لا ڳوٺ حمير خان ڄاريڪو جي اسڪول انتظاميہ سان گڏي ثقافتي تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ اسڪولي شاگرن ۽ شاگردياڻين سنڌ جي ثقافتي جي مختلف پاسن کي تقريرن ۽ ٽيبلوز جي صورت ۾ پيش ڪيو،آخر ۾ ثقافتي تقريب ۾ تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شيڊون ۽ ميڊل ڏنا ويا