My WordPress Blog

سڄي ملڪ ۾ ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي ٽريننگ ٻيهر شروع

0

8 فئبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جون تياريون جاري، سڄي ملڪ ۾ ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي ٽريننگ ٻيهر شروع، سرڪاري ملازمن جي بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي  ووٽرز لسٽن ۽ سامان جي فراهمي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون ريجنل آفيسز اڄ کليل رهنديون، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي ملڪ ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز ۽ رٽرننگ آفيسرز جي ٽريننگ ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي اليڪشن ڪميشن موجب آر اوز جي تربيت 18 ۽ ڊي آر اوز جي تربيت 19 ڊسمبر تي مڪمل ٿي ويندي، مجموعي طور 859 آر اوز ۽ 144ڊي آر اوز کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي  ووٽن جي داخلا، تبديلي ۽ درستگي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن جي آفيسرز، ملازمن ۽ رٽرننگ آفيسرز جي موڪلن تي به پابندي، ووٽر لسٽن ۽ سامان جي فراهمي لاءِ ريجنل آفيسز اڄ کليل رهنديون

Leave A Reply

Your email address will not be published.