خيرپور( رپورٽ : امام علي شاه ) ڪوٽڏيجي منسٽر ٽوئرزم ، ڪلچرسيدجنيد شاھ اچانڪ ڪوٽڏيجي قلعي تي پھچي ڪوٽڏيجي قلعي ۽ ميوزم جو دورو ڪيو۔ ڪوٽڏيجي قلعو ھڪ شاھڪار قلعو آھي جنهن کي اڄ پھريون ڀيرو ڏسي تمام گھڻي خوشي محسوس ٿي رهي آھي۔ وقت ٿورو آھي ڪوشش ڪريون ٿا ته قلعي جون گم ٿيل شيون واپس ڪرائي ساڳي حالت ۾ رکيون وڃن يارنھن توپن جي نشاھندي ٿي آھي جن مان ٻه قلعي تي پھچي چڪيون آھن باقي به تمام جلد قلعي تي پھچائي ساڳي حالت ۾ رکيون وينديون ۽ ڪوشش ھوندي ته قلعي جي شان مريم توپ به واپس ڪرائي قلعي جي رونق ۾ اضافو آڻيون، قلعي جي صفائي لاء وڌيڪ ماڻھون رکون پيا ۽ قلعي جي گيٽ تي انفارميشن ڊيسڪ پڻ لڳايون پيا جتان قلعو گھمڻ ايندڙ سياح قلعي بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھندا۔ جڏهن ته قلعي تي گھمڻ ايندڙ اسڪولي ٻارڙن جي شڪايت تي منسٽر سيد جنيد شاھ اسڪولي ٻارڙن کي ٽڪيٽ کان آجو ڪري ڇڏيو انتظاميا کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته اسڪولي ٻارڙن کان ٽڪيٽ وصول نه ڪئي وڃي۔۽ نه ئي سٺ سالن جي عمر يا ان کان وڌيڪ وارن يا صحافين کان ٽڪيٽ جا پيسا ورتا وڃن ھن چيو ته 50 روپيه ٽڪيٽ جا گھڻا آھن ان ڪري 20 کان 25 روپيا ٽڪيٽ جا مقرر ڪيا وڃن هن چيو ته قلعو اسان جو قومي ورثو آھي انھي کي گھمڻ لاء ڪافي فارينر سياح ايندا آھن پر قلعي طرف ايندڙ روڊن تي مٽي اڏري پئي ٻاھران صفائي جو نظام ڪافي خراب آھي جيڪو لوڪل انتظاميا جي غير ذميواري جو کليل ثبوت آھي جنھن بابت منسٽر لوڪل گورنمنٽ محمد مبين جماڻي کي پڻ لکندس ته قلعي جي ٻاھران جا روڊ رستا صفائي جو نظام بھتر ڪرايو وڃي۔ڪوٽڏيجي جي ٽالپر خاندان لاء خوشبري آھي ته انھن جي وڏن جون نشانيون واپس ڪرايون پيا ۽ برطانيا حڪومت کي پڻ لکيو آھي ته ڪوٽڏيجي جون توپون ۽ سامان واپس ڏنو وڃي ۔