باقراڻي (رپورٽر ) باقراڻي شھر واسي معذور پورهيت پاران چوري ٿيل چنگچي جي واپسي لاءِ احتجاج ، ڪجهه ڏينهن اڳ چور چنگچي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا ، هڪ هفتي کان بيروزگار آهيان ٻچا فاقا ڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آهن ، معذور پورهيت جون صحافين آڏو دانهون ، چوري ٿيل چنگچي واپس ڏيارڻ جي اپيل . خبر موجب : باقراڻي شھر واسي معذور پورهيت زاهد حسين چنو احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ باقراڻي شهر جي چنا محلا مان گهر ٻاهران بيٺل چنگچي موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪاهي فرار ٿي ويا ، اهڙي واقعي جي اين سي باقراڻي ٿاڻي تي داخل ٿيڻ باوجود پوليس ان وقت تائين ڪجهه به ناهي ڪيو ، جڏهن ته منهنجي ڀاءُ گلزرا چنو چوري ٿيل چنگچي جي واپسي لاءِ باقراڻي شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ قرآن پاڪ پن گهمايو هو پر پوءِ به چنگچي واپس نه ملي آهي ، معذور پورهيت وڌيڪ چيو ته مون غريب مسڪين هڪ ڄنگھ کان معذور آهيان ۽ هاڻ شگر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهيان ، منهنجي ٻچڙن جي پيٽ گذر جو واحد ذريعو چنگچي به چوري ٿي وئي ، جنهن سبب فاقا ڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آهيون ، معذور پورهيت پاران ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شاهه شيرازي کي اپيل ڪئي ته اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺي مون معذور جي چوري ٿيل چنگچي واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي .