اليڪشن ڪميشن لاڙڪاڻو طرفان قمبر شهدادڪوٽ،ٻين ضلعن جي 25 رٽرننگ آفيسرن جي ٽريننگ شهر جي سمبارا هوٽل ۾ شروع ڪئي
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن تي اليڪشن ڪميشن لاڙڪاڻو طرفان لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن جي 25 رٽرننگ آفيسرن جي ٽريننگ شهر جي سمبارا هوٽل ۾ شروع ڪئي وئي آهي جيڪا ٻن ڏينهن تائين جاري رهندي. اليڪشن ڪميشن طرفان روينيو کاتي سان واسطو رکندڙ رٽرننگ آفيسرن کي عام چونڊن بابت ٽريننگ ڏني پئي وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعي موجب لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن سان واسطو رکندڙ 5 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي ٽريننگ 19 ڊسمبر کان ڪراچيءَ ۾ شروع ٿيندي.