ڪرونڊي :(رپورٽ بابر علي چنا)ڪرونڊي پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحو جي ياد ۾ ڪرونڊي جي مختلف اسڪولن ۾ ڪارو ڏينهن ملھايو ويو.پشاور ۾ 9 سال اڳ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ شهيد ٿيندڙ استادن، شاگردن، سيڪيورٽي فورسز جي جوانن ۽ ٻين جي ياد ۾ ڪرونڊي جي مختلف اسڪولن ھاء اسڪول محمد خان شر عشاء مڊل اسڪول سميت ٻين اسڪولن ۾ تقريبون ٿي گذريون.شاگردن پاران پلي ڪارڊ کڻي دهشتگردن خلاف نعريبازي پڻ ڪئي جڏهن ته استادن ۽ شاگردن پاران ڏياء ٻاري ۽ ڪاريون پٽيون ٻڌي دعا گھري وئي ۽ شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو.ان موقعي شاگردن جو چوڻ ھو ته 9 سال اڳ دھشتگردن پشاور آرمي پبلڪ اسڪول جي ھڪ سؤ چوئيتاليھ بيگناه معصوم ٻارڙن کي فقط ان ڪري نشانو بڻايو ته ھو مستقبل جا معمار ھئا ھنن جو مقصد معاشري ۾ امن جو قيام ۽ ترقي ھئو،ھي دھشتگرد عورتن جي تعليم جا ويري ۽ ملڪ جي روشن مستقبل جا ڪٽر دشمن آھن ، قومن جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي ھنن کان ھضم نٿي ٿئي،گذريل ڏهاڪي ۾ مذهب جي نالي تي دھشتگردي ڪندڙن اسي ھزار کان وڌيڪَ انسانن جو خون وھايو آھي.جڏھن ته ان واقعي جي ذميواري طالبان قبول ڪئي ھئي ۽ سرڪار ان واقعي جي اھم ڪردار احسان الله احسان کي گرفتار ڪيو آهي پر افسوس جو 9 سالن جي عرصي گذرڻ باوجود ھي دھشتگردن جو اڳواڻ اڄ به جيل ۾ موجون ماڻي رهيو آهي ۽ شاگردن سميت پوري پاڪستان جو عوام مطالبو ڪري رھيو آھي ته ھن کي ڦاسي تي لٽڪايو وڃي .ھنن وڌيڪ چيوته ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ دھشتگردن جو پيغام آهي ته نياڻين کي تعليم جھڙي زيور کان محروم رکيو وڃي پر اسان جو ايمان آهي ته جڏهن ھڪ مرد پڙھيو ته ڄڻ ھڪ فرد پڙھيو پر جيڪڏهن ھڪ نياڻي پڙھي ته پورو گھر پڙھيو ، اڄ اچو ته انھن دھشتگردن سان پشاور اسڪول جي شھيد معصوم ٻارڙن جو پلاند ڪيون ان جو پلاند اھو ھوندو ته اسين وڌ کان وڌ پنھنجي ٻارن کي پڙهايون خاص ڪري نياڻين کي تعليم جھڙي زيور سان سينگاريون. اسان جي ٻارن کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ وحشي ۽ جنوني درنده صفت ماڻهو آزاد گھمندا ٿا وتن جڏھن ته ملڪ جو ٻاويهه ڪروڙ عوام اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي. اسان جو مذهب اسلام اسان کي علم حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو ۽ اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو فرمان آهي ته پينگهي کان قبر تائين علم حاصل ڪيو انڪري دھشتگرد ڪيڏي به ڪوشش ڪن پر اسين پنھنجن ٻارڙن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏينداسين جنھن جو مثال اوھان جي اڳيان ھي رحمان اسڪول آف ايڪسيلنس موجود آهي جيڪو اسان 2014 ۾ شروع ڪيو ھو.آخر ۾ اسڪول جي سوين شاگردن ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن شھيد شاگردن جي ياد ۾ ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻاري گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ اھو وچن ڪيو ته علم جي روشني حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا سين ۽ علم جي روشني گھر گھر پھچائيندا سين ايسيتائين جو دھشتگردن جي ٻارن کي به پڙھائينداسين.