اسلام ڪوٽ(رپورٽ ڪرشن سنگھ ) ٿرفائونڊيشن طرفان ٿر بلاڪ ٽو ۾ گرلز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي، جنھن ۾ ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي اينگرو ڪيمپس مٺي جي ٽيم ڪاميابي ماڻي ورتي، گرلز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ مختلف اسڪولن جي پنجن ٽيمن حصو ورتو، ٽورنامينٽ ۾ ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي اينگرو ڪيمپس مٺي جي ٽيم فائنل ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي، سينيٽر ڪرشنا ڪولھي چيو ته گرلز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرائڻ تي ٿر فائونڊيشن جَس لھڻي، اھڙن ايونٽس سان ٿر جي نياڻين کي اتساھ ملندو. فقير شير محمد بلالاڻي چيو ته ٿر فائونڊيشن علائقي ۾ بهتر قدم کڻي رهي آهي نياڻين لاءِ صحتمند سرگرمين جا موقعا پيدا ڪرڻ ڪارائتو عمل آهي، وائيس چيئرپرسن ڪملا ڀيل چيو ته نياڻيون هر فيلڊ ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي سگهن ٿيون کين موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو ثابت ڪري ڏيکارينديون، ٿرفائونڊيشن جي جنرل مينيجر فرحان انصاري گرلز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کي اھم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ چيو ته ٽورنامينٽ جو مقصد نياڻين کي اتساھ ڏيڻ آھي، مستقبل ۾ به اھڙا ايونٽ منعقد ڪرايا ويندا، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي جنرل منيجر فياض سومرَي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ سمورين شاگردياڻين، ٽيچرز ۽ آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ نياڻين لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي ٿر فائونڊيشن ٽيم کي ساراهيو، ايونٽ جي مھمان خصوصي سينيٽر ڪرشنا ڪولھي ۽ اڳوڻي ايم پي فقير شير محمد بلالاڻي ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم ۽ رانديگرن ۾ انعام ورھايا ۽ ايونٽ منعقد ڪرڻ تي ٿر فائونڊيشن ٽيم جي ساراھ ڪئي.، شاگردياڻين ٿر فائونڊيشن طرفان منعقد ڪرايل گرلز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ايونٽ کي ساراھيو ۽ چيو ته کين اھڙين سرگرمين سان اتساھ ملي ٿو ان موقعي تي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جو ڊائريڪٽر سائيٽ عاصم شھباز، جنرل مينيجر عمير اسلم بَٽ، دليپ ڪمار، جنيد انصاري، نريندَر سُوٽَھر، عرفان جوڻيجو جڏهن ته ٿرفائونڊيشن جي ٽيم ميمبرن اللھ وڌائي حاجاڻَي، سونيا چاچڙ، روِي بختاڻي، منظور جھنجھي،عبدالحميد مھيري ڪامران شيخ، سورج شرما، احسن سرھندِي، ۽ اشرف نُون ٽي سي ايف جي رستم سميجي، رشنا پنهور ۽ ٻيا موجود هئا