My WordPress Blog

پشاور هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس

0

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ چونڊون عدليا جي نگراني ۾ ڪرائڻ جي تحريڪ انصاف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.درخواست پي ٽي آءِ جي مرڪزي ترجمان معظم بٽ ايڊووڪيٽ داخل ڪرائي آهي، ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان ۽ جسٽس شڪيل احمد ڪئي.عدالت گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ۾ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس چئلينج ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ چيو هو ته اهو قومي ايشو آهي، توهان ضمني درخواست جمع ڪيو.اڄ پي ٽي آءِ جي وڪيل درخواست ۾ ترميم ڪري ڇڏي ۽ نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي. عدالت عاليا درخواست 18 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس کان جواب طلب ڪري ورتو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.