ٽنڊو مستي رات جي اونداهي ۾ پوليس جي وڏن اٽالن جي چڙهائي عورتن ٻارڙن مٿان وحشياڻو تشدد ٻن ڳوٺاڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو
ٽنڊو مستي )رپورٽ عبدالقدير چانڊيو ( ٽنڊو مستي لڳ ڳوٺ رسول بخش چڍڙ مٿان رات جي اونداهي ۾ پوليس جي وڏن اٽالن جي چڙهائي عورتن ٻارڙن مٿان وحشياڻو تشدد ٻن ڳوٺاڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو ۽ پوليس جي مبينا فائرنگ گولي لڳڻ سبب مينهن جو ڦر مري ويو پوليس مخبري هيٺ ڳوٺاڻن هڪ ڄڻي کي ڪٽڪو ڪڍي ورتو ٻنهي ڌرين جو احتجاج رپورٽ موجب، ٽنڊو مستي لڳ اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ رسول بخش چڍڙ مٿان رات جي اونداهي ۾ اڪنامڪ زون ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس جي وڏن اٽالن جي چڙهائي عورتن ٻارڙن مٿان وحشياڻو تشدد پوليس جي مبينا فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب مينهن جو ڦر مري ويو ڳوٺاڻن منير احمد چڍڙ، حبيب الله چڍڙ، سليم چڍڙ، عظيمان خاتون ،بختاور خاتون ۽ ٻين عورتن مردن جو ننڍڙي ٻارڙن سميت پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ صحافين اڳيان داهيندي ٻڌايو ته اڪنامڪ زون ٿاڻي جي ايس ايڇ او وڏا پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري اسان جي گهرن مٿان رات جي اونداهي ۾ بنا جواز چڙهائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪري اسان جي عورتن ۽ ننڍي ٻارڙن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي فائرنگ ڪري اسان جي گهر اندر مينهن جي ڦرڙي کي گولي هڻي ماري ڇڏيو ۽ اسان جي ٻن پيرسن ماڻهن رسول بخش چڍڙ ۽ رجب علي چڍڙ کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪا پوليس جي سراسر اسان سان زيادتي آهي ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، ٻئي پاسي احتجاج ڪندڙ ڌر جي ماڻهن پاران پنهنجي برادري جي هڪ ڄڻي حاجي صاحب خان چڍڙ کي پوليس مخبري هيٺ ڪٽڪو ڏنو ويو جيڪو معصوم ٻارڙن سميت دانهن کڻي پريس ڪلب ٽنڊو مستي پهچي ويو، ان موقعي تي هن صحافين اڳيان داهيندي ٻڌايو ته سندس برادري جي ماڻهن سليم چڍڙ، منير چڍڙ ،خادم چڍڙ ۽ ٻين پوليس جي مخبري جو الزام هڻي مون مٿان سخت تشدد ڪيو آهي ۽ منهنجي اوطاق جو ڇپرو ڊاهي دڪان جي مانڊڙي ٽوڙي منهنجو نقصان ڪيو آهي هن وڌيڪ وڌيڪ داهيندي ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ماڻهو ڏوهاري قسم جا آهن جن مان جان جو خطرو آهي نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.