My WordPress Blog

ن ليگ کي خيبر پختونخواهه ۾ وڌو ڌڪ

0

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي گورنر سردار مهتاب عباسي ن ليگ سان 40 ورهين جو پراڻو واسطو ختم ڪري ڇڏيو.سردار مهتاب عباسي گذريل ڪافي عرصي کان ن ليگ قيادت سان ڪاوڙيل هو ۽ هن هلندڙ سال فيبروري ۾ مرڪزي نائب صدر جي عهدي تان به استعيفيٰ ڏني هئي.سردار مهتاب عباسي ايندڙ چونڊون آزاد حيثيت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سڀ گڏجي ويهن ۽ انتقام جي سياست بند ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته منهنجا نواز شريف سان اصولي اختلاف آهن، مريم نواز سان ڪو اختلاف ناهي پر سياسي جماعتن ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته ڪي پي ۾ ن ليگ جو ڍانچو مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي، هاڻ ن ليگ رڳو پنجاب تائين محدود رهجي وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.