My WordPress Blog

نبي سرروڊ ويجهو بااثر وڏيرو مبينا طور 8 ورهين جي نينگر نرما ڀيل کي زوري اغوا ڪري ويو  وارثن پاران احتجاج

0

نبي سرروڊ (رپورٽر) نبي سرروڊ ويجهو بااثر وڏيرو مبينا طور 8 ورهين جي نينگر نرما ڀيل کي زوري اغوا ڪري ويو، نينگر جي  وارثن پاران نبي سرروڊ ٿاڻي آڏو عورتن سان گڏ  احتجاج ڪيو پيو وڃي. اغوا ڄاڻيل نينگر نرما جي پي مارو ڀيل ماءُ لالان ڀيل ۽ ٻين پاران نبي سرروڊ ٿاڻي آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ويٺل آهن ۽ هنن پاران معصوم نينگر کي بااثر وڏيري کان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. اغوا ٿي ويل نينگر جي وارثن دانهيندي چيو ته ڳوٺ غلام محمد خاصخيلي باراني جي زميندار بااثر وڏيرو محمد حنيف خاصخيلي 2 ڏينهن اڳ اسان جي گهر ۾ گهڙي معصوم نينگر کي زوري اغوا ڪري کڻي ويو آهي. جڏهن ته اسان ٻن ڏينهنن کان ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون. هنن چيو ته اسان ڪنري ٿاڻي تي دانهن کڻي وياسين جتي حد جو جواز ڄاڻائي پوليس پاران اسان کي واپس ڪيو ويو. جنهن بعد اڄ صبح کان اسان نبي سرروڊ ٿاڻي آڏو ويٺل آهيون جتي نبي سر پوليس خالي دلاسا ڏئي رهي آهي ۽ ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته ٻن ڏينهن کان بااثر وڏيرو اسان جي معصوم نينگر اغوا ڪري کڻي ويو خبر ناهي ته هن نينگر سان ڇا ڪيو هوندو جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون. هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته معصوم نينگر جو نوٽيس وٺي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ٿاڻي آڏو احتجاج جاري رکنداسین.

Leave A Reply

Your email address will not be published.