لاڙڪاڻي ۾ سانحہ آرمي پبلڪ پشاور جي شھيدن جي نائين ورسي جي موقعي تي لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان تقريب ڪوٺائي وئي
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي ۾ سانحه آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي نائين ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيٽرياٽڪ موومينٽ زنده باد آرگنائيزيشن طرفان پريس ڪلب اڳيان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مرڪزي وائيس چيئرمين نظر حسين ابڙو، سينيئر نائب صدر يونس علي ابڙو، جنرل سيڪريٽري راجا منير احمد جتوئي، محمد بلال راجپوت سميت مختلف اسڪولن جي ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ اڳواڻن ۽ ٻارن شهيدن جي تصويرن اڳيان گل رکي ڏيئا ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته 16 ڊسمبر پاڪستان جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي امڙين جون جهوليون خالي ڪري ڀينرن کان ڀائر کسيا ويا ۽ پيئرن کان سندن دلن جا ٽڪڙا الڳ ڪيا ويا، ملڪ جي رهزن دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان ڪڏهن به انهن گلڙن جهڙن پيارن معصوم ٻارڙن کي نه وسارينداسين، جڏهن ته شهيد مرندا نه آهن، اهي شهيد اڄ به اسان جي دلين ۾ زندھ آهن، جيڪي جنت جا گل هئا ۽ جنت ڏانهن هليا ويا آهن.