لاڙڪاڻو گورنمينٽ ووڪيشنل گرلز اسڪول ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جي مهمان خاص ڊائريڪٽر اسٽوٽا ريجن لاڙڪاڻو مريد حسين ککراڻي ۽ اسٽنٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر طارق حسين ابڙو شرڪت ڪئي،ان موقعي تي هن چيو ته ايم ڊي اسٽيوٽا منور علي مٺاڻي جي ڪوششن سان ووڪيشنل اسڪول کي مستقبل ۾ وڌيڪ فعال بڻايو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ وڌيڪ ڪورس ڪرايا وڃن ته جيئن شاگرد ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن،اسان وٽ هر شهري ۽ ڳوٺاڻن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هن اسڪول مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪي مستقبل ۾ پنهنجي والدين جو سهارو بڻجي پنهنجي زندگيءَ سٺي نموني سان گذاري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ووڪيشنل اسڪول ۾ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ ڪورس ڪرايا ويندا تقريب ۾ آيل مهمانن ۾ شبانه سومرو، هيڊمسٽريٽ ووڪيشنل اسڪول مڏباهو، سيما ڪانڌڙو هيڊمسٽريٽ ووڪيشنل گرلس اسڪول نصير آباد سميت ٻين علائقن مان آيل شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ ڏنا..