ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ نينگري سان 2 ڄڻن پاران اجتماعي زيادتي ڪري وڊيو ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ڳوٺ ميرحسن مري ۾ ناري (ن)کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي متاثر ناري ۽ سندس والد ٻڌايو ته جوابدار دلاور ڀٽي موبائيل فون تي رابطو ڪري شادي ڪرڻ جا ڏٽا ڏئي کيس گڏ وٺي ويو جتي وزير ڀٽي پڻ موجود هو ۽ انهن ٻنهي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ مارڪٽ ڪئي نهن ٻڌايو ته واقعو 2 هفتا اڳ پيش آيو، پهريان خوف وچان لڪايو بعد ۾ والد کي ٻڌايو آهي واقعي بابت بي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ نينگري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ تعلقه اسپتال موڪليو آهي