My WordPress Blog

 سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان مرڪزي سڏ تي سنڌ لاڙڪاڻي شهر مان  به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان مرڪزي سڏ تي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضي گيري خلاف سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا، بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر سيد منير حيدر شاهه، مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا، ڊويزنل سيڪريٽري ڊاڪٽر مظهر مغل، ضلعي صدر صدر ڀٽي، جنرل سيڪريٽري منظور آزاد شيخ، سينيئر نائب صدر خادم گهانگهرو، مشتاق سنديلو، مظهر سهتو، غلام رسول شيخ، محمد علي شاهاڻي، سياف جي اڳواڻن آفتاب سنڌي، قاسم شاهاڻي، سليمان منڱڻ، جواد ديدڙ، خالد سنڌي نواب ابڙو، صالح جوڻيجو، صابر جروار ۽ ٻين چيو ته ملڪ جي چند ڪامورن، سياستدانن ۽ ڪاروباري فردن جي ڪاري ناڻي کي سفيد ڪرڻ ڪارپوريٽ فارمنگ جون رٿائون صوبائي خودمختياري جون حدون اورانگهڻ جي سازش آهي، اهڙا منصوبا جيڪي سنڌ جي خودمختياري جي خلاف هجن، عوام کي بي گهر ڪن اهڙن منصوبن کي ڪنهن به طرح قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته گرين پاڪستان پروجيڪٽ جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک 60 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ جو منصوبو به پي ڊي ايم حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي راضپي سان ٺاهيو جنهن تي عمل درآمد نگران حڪومت پئي ڪرائي، ان منصوبي سان سنڌ جي لکين ماڻهن جي نقل مڪاني ٿيندي ۽ پنهنجي وسيلن تان هٿ ڌوئڻا پوندا تنهن ڪري سنڌ جون زمينون سنڌي ماڻهن جون آهن جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ قبضو قبول نه ڪيو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.