دادو(رپورٽ:راجا بشير لنڊ) مسلم ليگ سنڌ جي صدر بشير احمد ميمڻ جي پيپلزپارٽي ڇڏي مسلم ليگ ن ۾ شموليت ڪندڙ نوجوان قيادت ياسر خان ٻٻر صاحباڻي هائوس آمد بشير ميمڻ، کهيل داس ڪوهستاني، ليڊيزونگ سنڌ جي صدر زاهده ڀنڊ، سورٺ ٿيٻو ۽ ياسر ٻٻر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نواز شريف جو پهريون قدم ملڪي معيشت کي منعظم ڪرڻ آهي، جنهن جو فائدو سنڌ کي ٿيندو، ڪاري موري ٻه ڀيرا ٺاهي وئي ، چائنا ۾ ٽاور ڪري پيو، اتي ماڻهن کي لٽڪايو ويو، هر سال ٻڌون ٿا جوهي ۾ ٻوڏ اچي ٿي هر سال ٻڏون ٿا، 15 سالن ۾ پ پ وارن ڇا ڪيو ، نوازشريف جو ويزن ملڪي ترقي آهي،نواز شريف جي دور ۾ نيلم جهلم تي ڪم ٿيو ۽ جي ڊي پي 5.8 هئي، جنهن سان ماڻهن کي روزگار مليو، دادو ۾ صنعت قائم ٿيندي ته ماڻهن کي روزگار ملندو، بيروزگاري ختم ٿيندي، بشير ميمڻ چيو ته گورک هل پراجيڪٽ جي ڪهڙي حالت آهي، اربين رپيا خرچ ٿي ويا آهن،رڻ لڳو پيو آهي، مري ۾ 80 سيڪڙو سياحت آهي، ماڻهو ٽرانسپورٽ ۽ هوٽلن مان ڪمائي ڪن ٿا، مريم نواز بهادري سان ظلم جو مقابلو ڪيو، نواز شريف پاڪستان لاءِ تڙپندو رهيو، مريم نواز قيد جون سختيون برداشت ڪيون، ڀارت اڌ پئسو کڻي چنڊ تي پهچي ويو، اسان گورک نه پهچي سگهياسين ملڪ نواز شريف جي قيادت ۾ ترقي ڪندو،