ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه جي موت بابت منشيات واري ڪيس ۾ اداڪارا را چڪرابورتي کي دبئي ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت ملي وئي.اداڪارا پاران ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي هئي جنهن تي عدالت کيس 6 ڏينهن لاءِ دبئي سفر ڪرڻ اجازت ڏني آهي ۽ حڪم ڏنو ته 4 جنوري تائين هن کي پنهنجو پاسپورٽ لازمي طور تي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو جي حوالي ڪرڻو پوندو.ريا چڪرابورجي کي 27 ڊسمبر کان 2 جنوري 2023ع تائين سفر ڪرڻ جي اجازت ملي آهي ۽ هوءَ پنهنجي سفر جا مڪمل تفصيل نارڪوٽڪس ايجنسي سان شيئر ڪندي.سشانت سنگهه جي موت کان پوءِ جڏهن کان ڪارروائي شروع ٿي آهي پهريون ڀيرو اداڪارا کي نارڪوٽڪس ڪورٽ سفر ڪرڻ جي سهولت ڏني آهي.