My WordPress Blog

 تيز رفتار جيپ جي ٽائر برسٽ ٿيڻ بعد وڻ سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾ سوار عوامي اتحاد جي اڳواڻ ڏاڏو الله بخش انڙ جا 5 گن مين سخت زخمي ٿي پيا

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي ڀرسان هٽڙي غلام شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ فريد آباد وٽ موٽرسائيڪل کي بچائيندي تيز رفتار جيپ جي ٽائر برسٽ ٿيڻ بعد وڻ سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ ڏاڏو الله بخش انڙ جا 5 گن مين سخت زخمي ٿي پيا جن کي حد جي شهيد الاهي بخش ٿاڻي جي پوليس زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جن ۾ محرم ناريجو، ڌڻي بخش پٺاڻ، ممتاز ناريجو، محمد صديق ناريجو ۽ لياقت ناريجو شامل آهن. ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته ڏاڏو الله بخش انڙ جا گن مين خيرپور ڪورٽ ۾ حاضري بعد واپس علي آباد اچي رهيا ته فريد آباد وٽ سندن جيپ موٽرسائيڪل کي بچائيندي وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سندس جا 5 گن مين زخمي ٿي پيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.