My WordPress Blog

16 ڊسمبر سانحي جي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ياد ۾ قرآن خواني ۽ نعت خواني جو پروگرام منعقد ڪيو

0

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي اي ڊبليو او جي سرپرست اورنگزيب سلطان جي طرفان ماڊل اسڪول PECHS بلاڪ 2 ۾ 16 ڊسمبر سانحي جي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ياد ۾ قرآن خواني ۽ نعت خواني جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پ پ اڳواڻ فريد انصاري شرڪت ڪئي. (پيپلز سيڪريٽريٽ سنڌ جي انچارج) خاص مهمان طور شرڪت ڪئي تقريب ۾ سمورن شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيو. ان موقعي تي رزاق باجوا، ايمل خان، بلال شيخ، رضوان عزيز آبادي، آصف اقبال، شهريار جاويد، عابد قريشي، صحافي شهزاد بٽ، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ فريد انصاري چيو ته سانحي 16 ڊسمبر واري واقعي کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، 16 ڊسمبر واري واقعي ۾ 140 کان وڌيڪ معصوم پاڪستاني ٻارن کي بيگناھ قتل ڪيو ويو، ان معصوم ساگردن توڙي استادن کي به نه  شهيد ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته اهڙي واقعي ۾ ملوث دهشتگرد پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي عالمي سازش جو حصو هئي. ان موقعي تي شهيد آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارڙي جي پيءُ اورنگزيب سلطان پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي چيو ته مان اڄ پاڪستان جي سمورن معصوم ٻارڙن کي پنهنجا ٻار سمجهان ٿو، ان موقعي اڳواڻن سپريم ڪورٽ ۽ نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد کان جلد انجام تائين پهچايو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.