لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي )ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل نور چنا جي حڪم جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد ارسلان چوڌري ڊائريڪٽر ذراعت رياض حسين سومرو کي ساڻ ڪري ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جي شڪايتن تي اناج منڊي ۾ قائم ڀاڻ جي دڪانن تي ڇاپا هڻي ڊيلرن کان ڀاڻ جا اگهه معلوم ڪيا جتي واڌو اگهه وٺڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد ارسلان چوڌري ڊيلرن ۽ دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته هو بليڪ مارڪيٽنگ کان پاسو ڪري سرڪاري اگهه تي ڀاڻ جي وڪري کي يقيني بڻائن ٻي صورت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن آبادگارن ۽ هارين اسسٽنٽ ڪمشنر جي موجودگي ۽ ڀاڻ جي دڪانن ٻاهريان ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته سرڪار طرفان ڊي اي ڀاڻ جو سرڪاري اگهه 7800 مقرر ٿيل آهي منافعي خور ڊيلر ۽ دڪاندار اسان کي اها ٻوري 14800 جڏهن ته اينگرو يوريا جو سرڪاري اگهه 2100 جيڪو اسان کي 6000 روپيا ٻوري ڏيڻ بجاءِ ڀاڻ جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي 2 کان 3 ڏينهن کان پوءِ ڀاڻ ڏنو پيو وڃي، اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڇاپي تي دڪاندار دٻاءُ پيا وجهن ته اسين کيس ٻڌايو ته سرڪاري اگهه تي ڀاڻ ملي رهيو ان سان اسان کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ۾ ملوث ڊيلرن ۽ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري سرڪاري اگهه تي ڀاڻ جي وڪري کي يقيني بڻايو وڃي.اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو جو ھو ته اسان چاهيون ته جيئن آبادگارن کي وڌ کان وڌ ڀاڻ ملي سگهي