ٽنڊومستي )رپورٽ عبدالقدير چانڊيو (ٽنڊو مستي لڳ ڳوٺ رسول بخش مگريو جي ڳوٺاڻن بشير احمد مگريو، نظير احمد مگريو،.زبير احمد مگريو عبدالحميد، نذير احمد مگريو، صفر علي مگريو، حق نواز مگريو ۽ ٻين پاران ڊرٻ ميھرشاھ موساڻي لنڪ روڊ بند ڪري سندن برادري جي ڏوهارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي مظاهرو ڪندڙ صحافين کي ٻڌايو ته ڀر واري ڳوٺ محمد مراد مگريو جي ڏوهاري قسم جي غلام حيدر مگريو ۽ غلام قادر مگريو اسان جي گهرن ۾ چار ڏينهن اڳ ٻه ڳئون چوري ڪري ويا هئا جن جا پيرا پيراڊو ڪتن جي مدد سان کنيا ويا جيڪي جوابدارن جي گهرن ۾ پهتا جنهن بعد ٽنڊو مستي پوليس گهر مالڪن مان هڪ ڄڻي غلام قادر مگريو کي گرفتار ڪري ورتو هيو. جنهن تان جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ٽنڊو مستي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن ڳوٺ پهتي آهي ته جوابدارن ۽ سندن عورتن پوليس سان جهيڙو ڪري پوليس مٿان لٺيون، سروٽا وسايا آهي جنهن بعد ٽنڊو مستي پوليس وڌيڪ نفري گهرائي ورتي آهي پر هن مهل تائين جوابدار گرفتار نه سگهيا آهن نه ئي اسان جون چوري ٿيل ڳئون واپس ٿي سگهيون آهن ان موقعي تي چوري متاثر ڳوٺاڻن پاران ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل ڳئون واپس ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو