My WordPress Blog

چيف اليڪشن ڪمشنر جي چيف جسٽس سان ملاقات

0

 چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات  ڪئي آهي ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر چيف جسٽس جي دعوت تي ملاقات لاءِ سپريم ڪورٽ پهتو ذريعن موجب ملاقات ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ اٽارني جنرل به شريڪ ٿيا ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر ملاقات دوران چيف جسٽس ۽ ٻين ججز کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر بابت آگاهه ڪيو ذريعن موجب اها ملاقات آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي مقررين بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي سلسلي ۾ ٿي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس پهرين 2 سينيئر ججز سان مشاورت ڪئي، ان مشاورت کانپوءِ وڌيڪ مشاورت لاءِ اٽارني جنرل ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي به طلب ڪيو ويو

Leave A Reply

Your email address will not be published.