پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پيپلزپارٽي چونڊون ملتوي ٿيڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد واضح ٿي ويو ته نون ليگ ۽ پي ٽي آءِ اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ هڪ پيج تي آهن، ٻئي وڏيون جماعتون اليڪشن کان ڀڄي رهيون آهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي 16 ڊسمبر تي اليڪشن جي شيڊول جو اعلان ڪرڻو هو هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڊي آر اوز ۽ آر او ز لاءِ بيوروڪريسي جي مقرري تي خدشا ظاهر ڪيا آهن پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ٻڌايو وڃي ته بيوروڪريٽس بدران ڇا خلائي مخلوق اهو ڪردار ادا ڪندي، ڇا اليڪشن ڪميشن جو ڪردار به سپريم ڪورٽ کي ادا ڪرڻو پوندو