My WordPress Blog

نوشھرو فيروز جي چڪي مٽي ء ڪيترائي مرد مجاھد پيدا ڪيا آھن جن غريب ماڻھن جي ڀلائيء جا ڪم ڪياآھن

0

نوشھرو فيروز)مختيار علي تڳر(ساھتي ضلعي نوشھرو فيروز جي چڪي مٽي ء ڪيترائي مرد مجاھد پيدا ڪيا آھن جن غريب ماڻھن جي ڀلائيء جا ڪم ڪياآھن ۽ غريب ماڻھن جي ھڙان وڙان مدد ڪئي انھن مان سيد الھندو شاه  جنھن تعليمي ادارا کولي ساھتي ضلعي نوشھرو فيروزجي ماڻھن کي تعليمي زيور سان سنواريو ۔ فقير عبدالحق ڀرٽ جنھن غريب نواز تنظيم جي پليٽ فارم تان ساھتي جي غريب مرد عورتن جي مدد ھرطرح سان ندو ھيو ھن جي وفات بعد به سندس اھو ڪم جاري ساري آھي   اھڙو ئي ھڪ انمول ھيرو ڀرياسٽي مرحوم انور علي شاھ جي گھر۾ جنم وٺندڙ شخصيت غريب پرست سيد اميرعلي شاه جنھن ڀريا سٽي ۾ ھڙان وڙان ڪوششن ڪري پنھنجي والد صاحب   سيد انورعلي شاه جي نالي سان   اين آء سي وي ڊي سينٽر کولي ساره جوڳو عمل ڪيو آھي پاڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مان ڪنھن ماڻھو تي ٿورو نه ڪيوآ مان بس غريب ماڻھن جي سھولت لاء ھي سينٽر کولايوسنڌ جي  ھر ضلعي ۾اھڙا سينٽر ھيا  دل ۾ خيال آيوته مان ڇون ذاتي ڪوشش ڪري بابا جي نالي سان اھو سينٽر ڀريا ۾ کولائيا خدا مدد ڪئي ۽ دوستن به مدد ڪئي خاص مدد سيڪريٽريٽ ۾ انور علي مھر ڪئي جنھن فورن فائيل ڪڊرائي مون کي ڏنو سيد انور علي شاه  اين آء سي وي ڊي سينٽرسکر اين آء سي وي ڊي سکر سان ڪنورڊ آھي ڇو ته سنڌ ۾ ٽي وڏا سينٽر آھن جن ۾ سکر ۔سيوھڻ ۔ٽنڊو محمد خان اسان کي ويجھو سکر آھي ان ڪري مان سکر سان ڪنورڊ ڪرايو ھي سينٽر 24ڪلاڪ سروس ڏيندو 3شپٽن ۾ ڪم ڪندو ھر شپٽ 8 ڪلاڪن جي ھوندي ھرشپٽ ۾ عملو چنج ٿيندو ۔ 2ايمبولنس مليون آھن بس  غريب ماڻھن جي خدمت لاء ھي سينٽر بابا جي نالي سان کولرايو آ بس عوام دعا ڪري ته اھڙا ڦلاحي ادارا کولي ھتان جي غريب مسڪين ماڻھن جي  خدمت ڪري سگھان ۔

Leave A Reply

Your email address will not be published.