My WordPress Blog

نوشھروفيروز طرفان چيف انجنئير تيرٿ داس جي مان ۾ هڪ پروقار الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي

0

نوشھروفيروز )ڊر ( نوشھروفيروز ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ ۽ اسڪارپ ايمپلائيز يونين نوشھروفيروز طرفان چيف انجنئير تيرٿ داس جي مان ۾ هڪ پروقار الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي ۔ان موقعي تي هن تقريب ۾ موجود تمام مزدورن سان مخاطب ٿيندي صوبائي جنرل سيڪريٽري اقبال احمد لاڙڪ چئيو ته اسان سدائين مزدورن جي حقن خاطر جدوجهد ڪئي آھي هر ڏک سک ۾ مزدورن سان گڏ رهيا آھيون ۔جڏهن ته ساگر يوسف منگي صحافين سان ڳالهائيندي  چئيو ته جناب تيرٿ داس هڪ معطبر ۽ بااخلاق آفيسر آھي اهڙا آفيسر تمام گهٽ ھوندا آھن جيڪي مزدورن سان پنهنجي اولاد جيان پيار ڪن ۽ بنا کي فرق جي هر هڪ سان هڪ جھڙو ٿي هلڻ ڪو تيرٿ داس کان سکي ڪجھ ٽائيم پهريان اسان جي آفيسن ۾ ڪجھ نه هئيو پر جناب تيرٿ داس جي پنهنجي ڪاوشن سان اسان جي آفيسن ۽ مزدورن جي ڀلي لاء هر ممڪن ڪوشش ڪئي جنهن تي اسان کيس جو شڪريو ادا ڪريو ٿا ۔جڏهن ته انجنئير تيرٿ داس تقرير ڪندي چئيو ته مون کي تمام گهٽ ٽائم مليو جنهن سبب کوڙ سارا ڪم اڌورا رهجي ويا آھن جن جو مونکي ڏک آھي مان صرف ڇهن مهينن تائين هتي رهيس پر ڇهن مهينن ۾ جيترا ڪم مون ڪيا شايد ڪنهن آفيسر ڪيا هجن هن چئيو ته ايندڙ آفيسر انشاالله مونکان وڌيڪ محنتي هوندو مونکي تمام يونين عهديدارن ۽ مزدورن وٽان ايتري ته محبت ملي آھي جو مونکي لڳي ٿو ته منهنجو تعلق اوهان سان ڇهن مھينن جو نه پر ڇهن جنمن جو آھي ۔ الواعي تقريب دوران تمام يونين عهديدارن ۽ مزدورن پاران چيف انجنئير تيرٿ داس کي سنڌ جي ثقافت سنڌي اجرڪ لونگي ٽوپي ۽ گلن جا هار پيش ڪيا ويا ۔تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن  خادم حسين مري ۔ علي نواز سولنگي ۔ آصف اقبال لاڙڪ ۔ قربان علي چنه ۔ مظھر علي چنه ۔ ۽ ٻين چئيو ته اڄ اسان لاء ڏک جو لمحو آھي جو انجنئير تيرٿ داس جهڙو ايماندار ۽ بااخلاق آفيسر اسان کان موڪلايو پيو ونڄي ۔

Leave A Reply

Your email address will not be published.