ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) ميرپور ماٿيلو ۾ پپلز ھاري ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي طرفان يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي مظاهرو، تہ ضلعي گھوٽڪي ۾ ذريعي ڀاڻ جون ٻہ فيڪٽريون ھوندي به ھتان جا ھاري ۽ آبادگار يوريا ڀاڻ لاء پريشان آھن، يوريا ڀاڻ جي کوٽ سبب آبادگارن جو ڪڻڪ جو فصل تباھ ٿي رهيو آهي، يوريا کاڌ جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي، اڳواڻ تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ۾ پپلز ھاري ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي طرفان يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيو ويو ان موقعي تي پيپلز ھاري ڪاميٽي جي اڳواڻن منظور جلباڻي، راحب ڪنڀر، مرتضي چاچڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ضلعي گھوٽڪي ۾ ذريعي ڀاڻ جون ٻہ فيڪٽريون ھوندي به ھتان جا ھاري ۽ آبادگار يوريا ڀاڻ لاء پريشان آھن ،ھنن وڌيڪ چيو ته رجسٽر فرٽيلائيزر ڪمپنين جا ڊيلر يوريا ڀاڻ سرڪاري ريٽ ڏيڻ بجاء بليڪ تي وڪرو ڪري رھيا آھن جڏھن ته ضلعي انتظاميا تحرڪ وٺڻ لاء تيار ئي ناهي ، هنن چيو ته يوريا ڀاڻ جي کوٽ سبب آبادگارن جو ڪڻڪ جو فصل تباھ ٿي رهيو آهي، جنهن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، يوريا کاڌ جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي هنن ڊي سي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪرائي ھارين کي سرڪاري اگھ تي يوريا ڀاڻ فراھم ڪيو وڃي تہ جئين ڪڻڪ کي وقت سر ڀاڻ ملي ۽ ڪڻڪ جي بھتر پيداوار وٺي سگهون..