ميروخان (رپورٽر) ميروخان تعلقي جي يوسي ﷲ آباد ۾ ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري آهي ، يوسي چيئرمين نذاڪت اقبال چانڊيو ڳوٺ فيض محمد جانوري ۽ ڳوٺ رپ وتو ۾ ڳوٺاڻن کي پُلون ٺهرائي ڏنيون ، پُلون ٽٽل هجڻ ڪري ڳوٺاڻن کي اَچ وڃ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي هئي. يوسي چيئرمين. خبر موجب : ميروخان تعلقي جي يونين ڪائونسل ﷲ آباد ۾ يوسي چيئرمين نذاڪت اقبال چانڊيو پاران ترقياتي ڪم ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي يوسي جي نوجوان چيئرمين نذاڪت اقبال چانڊيو پاران ڳوٺ فيض محمد جانوري ۽ ڳوٺ رپ وتو ۾ واٽر ڪورسن جون ٽٽل پُلون نئين سر تعمير ڪرائي مقامي ڳوٺاڻن جي مسئلن کي حل ڪيو ويو جڏهن ته يوسي جي چونڊيل نمائندن جي اجلاس ۾ وڌيڪ ٻن پُلن کي تعمير ڪرائڻ جي منظوري ورتي وئي آهي ان حوالي سان يوسي چيئرمين نذاڪت اقبال چانڊيو ٻڌايو آهي ته پُلون ٽٽل هجڻ ڪري ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو جنهن کان پوءِ يوسي جي ماهوار بجيٽ مان ٻن ڳوٺن جون پُلون ٺهرايون آهن ۽ وڌيڪ ٻن ڳوٺن جي پُلن جي تعمير لاءِ يوسي جي ڪائونسلرن سان گڏجاڻي ڪري منظوري ورتي آهي ان کان علاوه ٻيا به ننڍا ننڍا ڪم ڪري عوام کي سهولتون ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي پوري ڪوشش آهي ته يوسي جي عوام کي وس آهر بنيادي سهولتون مهيا ڪيون جيڪو ووٽ ڏيندڙ عوام جو اسان تي حق هجڻ سان گڏ اسان جو فرض پڻ آهي.