My WordPress Blog

لاڙڪاڻي شهر ۾ چمڙي ۽ خارش جي وچڙندڙ خطرناڪ بيمارين تي ڪنٽرول نه ٿي سگهي

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي شهر ۾ چمڙي ۽ خارش جي وچڙندڙ خطرناڪ بيمارين تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ، اڪثر ٻهراڙين جون گهريلو عورتون ۽ شهر جي اسڪولن ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون چمڙي ، خارش جي بيمارين جي ور چڙهي ويا، لاڙڪاڻو جي سرڪاري اسپتالن جي چمڙي جي ڊاڪٽرن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو سگهيو ،جنهن کانپوءِ چمڙي خارش جي ور چڙهيل مريضن ڪراچي جي ريگل چوڪ لڳ سرڪاري اسڪن اسپتال ڏانهن رخ ڪري ڇڏيو، انهيءَ سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر توڙي ڀر وارن علائقن جي چمڙي خارش جي بيماري جي ور چڙهيل مريضن عزيز منگي ، گلفام سولنگي ، رميز ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سالن جا سال خارش چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا رهياسين پر لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن پنهنجي رواجي سستي جو مظاهرو ڪندي ميڊيڪل اسڪن پرابلم حل ڪرڻ بجاءِ بار بار ساڳيون ملم ڏيئي وغيره ڏيئي چمڙي جي بيمارين جو ڪو به حل نه ڪڍيو ويو ، جنهن کان پوءِ مجبورن وڏا خرچ ڀاڙا برداشت ڪندي ڪراچي جي ريگل چوڪ لڳ اسڪن سرڪاري اسپتال ۾ ماهر اسڪن ڊاڪٽر پرديپ ڪمار ۽ ٻين کان علاج ڪرايو ويو . جنهن کانپوءِ 20 سالا خطرناڪ خارش چمڙي جي بيماري کان نجات حاصل ٿي وئي آهي ، چمڙي خارش جي مريضن نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته خدارا لاڙڪاڻي شهر جي تعليمي ادارن پرائمري ، سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ تيزي سان پيدا ٿيندڙ چمڙي جي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي ماهر ڊاڪٽر پرديپ ڪمار ۽ انهيءَ جي خارش چمڙي جي بيمارين جي ماهر ٽيم کي اسپيشل طور تي وزٽ ڪرائي سوين هزارين چمڙي جي خطرناڪ بيمارين کان مڪمل نجات ڏياري وڃي . نه ته ٻئي صورت ۾ لاڙڪاڻي شهر جي هر ٻئي تعليمي اداري ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو هڪ وڏو انگ خارش چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا هئڻ ڪري مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي .

Leave A Reply

Your email address will not be published.