لاڙڪاڻو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 16 ورسي جي موقعي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪرڻ جي حوالي سان ميٽنگ ڪوٺائي وئي
لاڙڪاڻو )بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي) لاڙڪاڻو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 16 ورسي جي موقعي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڊي ايڇ او آفيس ۾ سيد اطهر علي شاھ جي اڳواڻي ۾ ميٽنگ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ايم ايس جنرل علي سرور شاھ سميت 1122 جي انچارج آفيسرن توڙي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار سميت پي پي ايڇ آئي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي بعد ڊي ايڇ او سيد اطهر شاھ جو چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ 27 ڊسمبر جي حوالي سان ميڊيڪل ڪيئپ 25-26-27 تي قائم ڪرڻ توڙي 2211 ريسڪيو ايمبولنس ٽيمون مقرر ڪري اسين هليٿ جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ٽيمون تشڪيل ڪرڻ جي حوالي سان ميٽنگ ڪوٺائي آهي.