حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ پاران سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس حيدرآباد پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ ٿي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ انگ اکر پڌرا ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت 5 آگسٽ 2023ع تي گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلٽيز ڪائونسل قائم ڪئي جنهن جو صدر، وزيراعظم کي مقرر ڪيو ۽ ٻيا ميمبر مقرر ڪيا ويا. ڪائونسل کي اهي اختيار ڏنا ويا ته هو وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي صلاحون، سفارشون ۽ هدايتون جاري ڪندي عوامي تحريڪ موجب ڪائونسل سڄي ملڪ جي 24 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ، پنجاب جي 13 لک ايڪڙ، ڪي پي ڪي جي 11 لک ايڪڙ ۽ بلوچستان جي 7 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ سيڪٽر لاءِ گرين ڪارپوريشن انيشيٽو ڪمپني سميت ٻين ڪمپنين کي ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 52 هزار 713 ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي جنهن ۾ خيرپور ضلعي جي 28 هزار ايڪڙ، مٺي جي 10 هزار، دادو جي 9 هزار 503، سجاول جي 3 هزار 408، ٺٽو ۽ بدين جي هڪ هڪ هزار ايڪڙ زمين 20 سالن جي ليز تي 33 سيڪڙو منافعي طور ڏني وئي آهي جنهن کي اسين سنڌ جي زمينن تي والار سمجهون ٿا. عوامي تحريڪ ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ڪندي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب سميت مختلف نالن سان سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف عوامي تحريڪ جي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن طرفان زمينن تي قبضن خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق، ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته 2007ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي طرفان اصلوڪن رهاڪن جي حقن جي تحفظ لاءِ پاس ڪيل قرارداد تي عمل ڪيو وڃي اسپيشل انوينسٽيمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل کي مليل بي تحاشا اختيار 1940ع جي قراداد ۽ آئين جي 18هين ترميم جي خلاف ورزي آهن ان ڪري هن غيرآئيني اداري تحت ٿيندڙ سمورا فيصلا ڪالعدم قرار ڏنا وڃن. هن (سفڪ) جهڙي غيرآئيني اداري کي فورن ختم ڪيو وڃي. زرعي انقلاب ۽ نام نهاد ڪارپوريٽ فارمنگ تحت سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي، سرائيڪي وسيب ۽ بلوچستان جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا بند ڪيا وڃن ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمره سمون، عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو، سرائيڪستان قومي اتحاد جي سربراه غلام فريد ڪوريجاعوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر سيد لال شاهه، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر علي نواز ڏاهري، ناليواري اديب جامي چانڊيو، مسعود نوراني، سماجي اڳواڻ نور محمد بجير، صحافي ۽ ليکڪ اسحاق مڱريو، اقبال ملاح، دستگير ڀٽي، ناليواري اديب يوسف سنڌي، اديب ۽ ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز ميمڻ، عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو، ڄام تماچي، حاجي خان سمون، فاضل کوسو، ساجده پرهياڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته ملڪ جي سمورين قومن جي زمينن تي هڪ اداري جي اجاريداري ۽ قبضاگيري خلاف سموري ملڪ جي مظلوم قومن ۽ عوام جي سگهاري اتحاد جي ضرورت آهي ملڪ جي عوام دوست قوتن کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي 2007ع واري قرارداد جي آرٽيڪل 10 ۾ واضح لکيل آهي ته مقامي ماڻهن کي ڪير به زوري لڏائي نٿو سگهي پر بدقسمتي سان پاڪستان جو حڪمران طبقو ملڪ ۾ انساني حق معطل ڪري عالمي قانونن جا ليڪا لتاڙي رهيو آهي. هن چيو ته سڪرنڊ ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي جبري طور لڏايو پيو وڃي جنهن خلاف متاثر ماڻهو پنهنجي وس آهر احتجاج به ڪري رهيا آهن. مقامي ماڻهن کي جبري لڏائي بحرياٽائون جهڙيون قبضاگير ڪالونيون ۽ فوجي ڇانوڻيون ٺاهڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.نور احمد ڪاتيار ۽ حورالنساءِ پليجو قبضاگيري خلاف به مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوندي. علي نواز ڏاهري ۽ عمره سمون چيو ته زرعي انقلاب جي نالي تي هارين کي بيدخل ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. عسڪري ادارن جو ڪم بارڊر سنڀالڻ آهي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون عسڪري ادارن کي ڏيڻ جو فيصلو عوام دشمن فيصلو آهي. ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، عائشه ڌاريجو چيو ته گڏجي عوامي، صوبائي ۽ قومي سطح تي مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. پروفيسر مشتاق ميراڻي، بخشل ٿلهو، نور محمد بجير، اقبال ملاح چيو ته ملڪ جي 44 لک ايڪڙ زمين تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ٿيندڙ والار کي سنڌ قبول نه ڪندي. ناليواري اديب جامي چانڊيو چيو ته پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ قدرتي وسيلن جي کوٽائيءَ جي نالي ۾ جوڙيل منصوبا غيرآئيني، عوام دشمنن، ماحول دشمن ۽ پورھيت دشمن آھن. لال شاھ چيو ته،غلام فريد ڪوريجا چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو سامراجي منصوبو آھي. ان موقعي تي دستگير ڀٽي پڻ خطاب ڪيو