My WordPress Blog

رتيديري جي پيرسن عورت جو پٽ سميت وياجن جي آزار خلاف احتجاج

0

رتوديرو (رپورٽ پرويز ٻپڙ) رتيديري جي پيرسن عورت جو پٽ سميت وياجن جي آزار خلاف احتجاج ، تدارڪ جي اپيل : تفصيل موجب رتوديرو جي نور ڪالوني جي رهواسڻ پير سن عورت پناه خاتون پنهنجي پٽ سجاد حسين ميراڻي سان گڌ رتوديرو پريس ڪلب پهچي وياجن جي آزار خلاف احتجاج ڪيو هن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي پٽ اصغر وياج تي پيسا ورتا هئا جنهن جا اسان 15 لک روپيه وياجن کي ڏئي چڪا آهيون پر ان هوندي به وياجي اسان جي جان ڪو نه ٿا ڇڏن هن چيو ته گھر جي جڳهه وڪرو ڪري وياجن جو قرض ڀريو آهي پر اڃا به وياجي پيسن جي گھر ڪري تنگ رهيا آهن هٿيار کڻي در تي اچن ٿا ۽ ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ گٿا لفظ به ڳالهائي ٿا وڃن وياجن پيسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن مان وياجن کي منع به ڪئي هئي ته منهنجي پٽ کي وياج تي پيسا نه ڏيو پر تنهن هوندي به هنن کيس پيسا ڏنا هاڻي ته منهنجو پٽ به لاپتا ٿي ويو آهي جنهن جي ڪا به خبر ڪو نه آهي اسان غريب ماڻهو آهيون پنهنجو روزگار ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهيون ڪٿان وياج جي رقم ادا ڪريون اسان کي هاڻي پنهنجو گھر به ڪو نه آهي هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار وياجي هوندا هن ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته انصاف ڪري اسان کي وياجن کان تحفظ ڏياريو وڃي

Leave A Reply

Your email address will not be published.