My WordPress Blog

دادو زرعي ڀاڻ جي هٿرادو مهانگائي خلاف جيالا رودن تي نڪري آيا

0

دادو(رپورٽ راجا بشير لنڊ) دادو زرعي ڀاڻ جي هٿرادو مهانگائي خلاف جيالا رودن تي نڪري آيا، پ پ پ ضلعي صدر رفيق احمد جمالي هائوس کان پريس ڪلب تائين مارچ، ڪامورن ۽ منافع خورن خلاف شديد نعري بازي، ڊي سي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي هٽائڻ جو مطالبو:- زرعي ڀاڻ جي هٿرادو مهانگائي خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي جي سڏ تي پ پ پ تعلقي صدر بابن خان پنهور، جان محمد پهوڙ، عرفان سولنگي،، وفا چانڊيو، عبداللمطلب پنهور، مظهر ڪوريجو،  سميت وڏي انگ ۾ پ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي پ پ پ ضلعي صدر رفيق احمد جمالي هائوس کان مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، مظاهرين چيو ته ڪامورا ۽ منافع خور ٻٽ بڻجي ويا آهن زرعي ڀاڻ جا اگهه ٻيڻا ۽ ٽيڻا ٿي ويا آهن غريب هاري آبادگار هٿرادو ڀاڻ جي مهانگائي سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته دادو ضلعو اڳ ئي ٻوڏ سٽيل رهيو آهي، ضلعي ۾ 90 سيڪرو فصل ٻوڏ ٻوڙي ڇڏيو هو هن سان وري منافع خورن زرعي ڀاڻ جا اگهه وڌائي غريب هارين ۽ آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري لٽي رهيا آهن هنن چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڊي سي ۽ ٻيا ڪامورا منافع خورن خلاف ڪاروائي ڪن ٿا پر هتان جا ڪامورا منافع خورن سان ٻٽ بڻجي ويا آهن ايترن ڏينهن کان آبادگار ۽ هاري دانهون ڪري رهيا آهن پر رشوت عيوض ڪامورن پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن، هنن چيو ته منافع خور پنهنجا من پسند ريٽ مقرر ڪري هارين ۽ آبادگارن کي بليڪ تي زرعي ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ ڪرپٽ ڪامورن ۽ منافع خورن جو ساٿ نه ڏيندي، فوري طور تي ڊي سي دادو فياض حسين راهوجو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو بشارت ماهوٽو کي هٽائي زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ منافع خورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سرڪاري اگهه تي هارين ۽ آبادگارن کي زرعي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.