ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) بلديا ٽائون ۾ پي ايس 112 ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ن ليگ جو اڳوڻي ايم اين اي ڪيئل داس ڪوهستاني خطاب ڪندي چيو آهي ته بلديا ٽائون جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته بيروزگاري توهان جي قسمت نه آهي. 2018ع ۾ اسانجي مينڊٽ کي چورايو ويو ۽ ضمني چونڊن ۾ به ڌانڌلي ڪئي وئي هن حلقي جي عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته اقتدار ۾ اچي پوري سنڌ کي لاهور جيان بنائبو. ڪراچي کان ڪشمور تائين بلاول ڀٽو سنڌ کي ٻين ماڻهن لاءِ نو گو ايريا نه بڻائي. جيڪڏهن هتي جي عوام مسلم ليگ ن کي چونڊي ته ان کي پنجاب جهڙو بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته نواز شريف.. شهباز شريف ۽ مريم نواز سنڌ ۾ به جلسا ڪندي ۽ ڪراچي جي بلديا ٽائون ۾ به ايندا. اڃوڪو ورڪر ڪنوينشن مسلم ليگ جي فتح ٿيندي. هتان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي عوام کي نظام ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. هن نظام کي ٽوڙڻ لاءِ نواز شريف کي ووٽ ڏيو. ان موقعي تي نهال هاشمي ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته شهباز شريف جي غير موجودگي ۾ جن ماڻهن اوهان جي حمايت ڪئي، اهي هتي ۾ موجود آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڪرپشن جون ڌڃون اڏائي ڇڏيون آهن. اسان ڪرپشن تي لعنت وجهون ٿا. هن ڀيري به نواز شريف جي حڪومت ايندي. نواز شريف جي حڪومت م نوجوانن کي نوڪريون مليون. ان موقعي تي ضلعي ڪياماڙي جي بلديا ٽائون جي پي ايس 111 ۽ 112 جي اميدوارن سلمان خان ۽ راجا عمران چيو ته ميان محمد نواز شريف کي ا وزيراعظم بڻائينداسين. ميان محمد نواز شريف چيو هو ته مان پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏيان ٿو. الله پاڪ نواز شريف کي اڄ سرخرو بنايو آهي. اسان عدالتن جو احترام ڪريون ٿا. عدالتون ميان محمد نواز شريف کي عمران نيازي جي دور ۾ ميان نواز شريف خلاف ڪوڙا ڪيسن داخل ڪرايا. هن وقت نيازي دور ۾ ميان محمد نواز شريف مٿان داخل جڙتو ڪيسن مان عدالتون ان کي باعزت بری ڪري رهيون آهن.