My WordPress Blog

باقراڻي واسي پورهيت پاران معصوم ٻارڙن سميت ڀاءُ ۽ ڀائٽن جي ناانصافين خلاف پريس ڪلب باقراڻي اڳيان احتجاج

0

باقراڻي (رپورٽر ) باقراڻي واسي پورهيت پاران معصوم ٻارڙن سميت ڀاءُ ۽ ڀائٽن جي ناانصافين خلاف پريس ڪلب باقراڻي اڳيان احتجاج ، ڀاءُ ۽ سندس پٽن منهنجو ۽ منهنجي ٻچڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ، پورهيت سينگار علي ڪلهوڙو جون صحافين آڏو دانهون . خبر موجب : باقراڻي واسي پڪوڙا کپائيندڙ پورهيت سينگار علي ڪلهوڙو پاران معصوم ٻارڙن سميت پنهنجي ڀاءُ انتظار علي ڪلهوڙو (عباسي ) ۽ سندس پٽن شاهد علي ، وقار علي ، عامر علي ڪلهوڙو (عباسي ) جي ناانصافين خلاف پريس ڪلب باقراڻي اڳيان احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيو ته مان باقراڻي شهر ۾ پڪوڙا کپائي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان منهنجو ڀاءُ انتظار علي ڪلهوڙو ۽ سندس پٽ جاني دشمن بڻجي ويا آهن ، روزانو ڪو نه ڪو ڊرامو ڪري مونکي پريشان ڪن ٿا ، گهر ۾ گهڙي مون کي ۽ منهنجي ٻارڙن کي مارڪٽ ڪري وري ڪوڙا ڪيس منهنجي مٿان داخل ڪرائي پوليس معرفت حراسان ڪن ٿا ، هن وڌيڪ چيو ته منهنجو پنهنجي ڀاءُ انتظار ڪلهوڙو ۽ سندس پٽن سان ڪو واسطو ناهي پر روز پئي پٽ پاڻ ۾ وڙهن ۽ گار گند مونکي ڏين ، هن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شاهه شيرازي کي اپيل ڪئي آهي ته اهڙي معاملي جو نوٽيس وٺي مونکي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي .

Leave A Reply

Your email address will not be published.