My WordPress Blog

رتيديري ۾ اينٽي انڪروجمينٽ فورس جي اهلڪار جو معصوم ڌيءُ سميت احتجاج

0

رتوديرو (رپورٽ پرويز ٻپڙ) رتيديري ۾ اينٽي انڪروجمينٽ فورس جي اهلڪار جو معصوم ڌيءُ سميت احتجاج ، ستن ورهين جون بند ڪيل پگھارون ڏيڻ جي اپيل : تفصيل موجب رتوديرو جي نور آباد پاڙي جي رهواسي اينٽي انڪروجمينٽ فورس جي اهلڪار دلدار حسين نوناري پنهنجي معصوم ڌيءُ ماروي سان گڏ رتوديرو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ان موقعي تي هن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجون ستن ورهين کان بلاجواز پگهارون بند ڪيون ويون آهن جنهن سبب هن مهانگائي واري دور ۾ پنهنجن ٻچن سميت سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهيان پگهارون بند هجڻ ڪري منهنجي گهر ۾ فاقه ڪشي آهي منهنجن معصوم ٻارن جي پڙهائي به متاثر ٿي رهي آهي هن چيو ته پگهارون بند هجڻ جي مان هاء ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن ۾ داخل ڪرائي هئي جنهن جو فيصلو به منهنجي حق ۾ آيل آهي ڪورٽ سڳوري جي فيصلي کي به ٽي سال ٿي ويا آهن پر لاڳاپيل اختياريون ڪورٽ سڳوري جي فيصلي تي به ڪو عمل ڪرڻ لاء تيار ڪونه آهن هن چيو ته مان پنهنجي ڊيوٽي به باقاعدگي سان ادا ڪندو آهيان پوءِ به منهنجون پگھارون بند ڪري مون سان ناحق ڪيو ويو آهي مان ان سلسلي ۾ پنهنجي آفيس وارن سان به ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو آهي پر اهي مون کي منهنجون رهيل پگهاررون ڏيڻ ۽ منهنجو مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ رڳو مون کي خالي آسرا ڏئي رلائي رهيا آهن هن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، فريال ٽالپر ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ، سيڪريٽري روينيو ، ڊائريڪٽر اينٽي انڪروجمينٽ فورس ، ضلعي چيئرمين لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته منهنجي معصوم ٻچن تي رحم ڪري مون کي منهنجون بند ڪيل پگهارون ڏنيون وڃن                                        .

Leave A Reply

Your email address will not be published.