My WordPress Blog

پاڪستان ابابيل ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو: آءِ ايس پي آر

0

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ)  پاڪستان ابابيل ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.آءِ ايس پي آر موجب ميزائيل سسٽم جو مقصد خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي وڌائڻ آهي. آءِ ايس پي آر موجب ويپن سسٽم لانچنگ کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن، اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي سينئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجينئرز ڏٺو.آءِ ايس پي آر موجب هن تجربي جو مقصد مختلف ڊيزائن، ٽيڪنڪي پيرا ميٽرز ۽ هٿيارن جي مختلف نظامن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻو هو. چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪامياب تجربي ۾ تعاون تي سمورن ماڻهن جي ٽيڪنيڪي صلاحيتن جي تعريف ڪئي.هوڏانهن صدر عارف علوي، نگران وزيراعظم ۽ سروسز چيفس به انهي ڪاميابي تي اسٽريٽجڪ فورسز جي سمورن ميمبرن کي مبارڪباد ڏني.

Leave A Reply

Your email address will not be published.