لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان غزه جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ظالماڻو، وحشياڻو ۽ غير انساني عمل آهي. هن چيو ته اسپتالن تي بمباري جنگي ڏوهه آهي. دنيا اسرائيل جي ظلمن تي اکيون بند نٿي ڪري سگهي، ذميوارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل اسپتال تي حملو ڪري سفاڪيت جون سموريون حدون ڪراس ڪري ڇڏيون آهن. اسپتال تي اسرائيلي حملو انسانيت لاءِ شرم جوڳو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اسپتال تي حملي ۾ سوين فلسطينين جي شهادت اسرائيلي بربريت جو چٽو ثبوت آهي. هن مطالبو ڪيو ته عالمي ادارا اسرائيل جي انسانيت دشمن قدمن کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.